وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي فون ڪري سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي

Murad-Ali-Shah-IG-Khuwaja-23217

وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي فون ڪري سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي، وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي به سيوهڻ ڌماڪي سبب قلندر لال شهباز جي درگاهه جي متاثر ٿيل حصي جو مرمتي ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي فون ڪري سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ورتي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه وڏي وزير کي سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن پاران کنيل قدمن ۽ حڪت عملي بابت آگاهي ڏني.

آءِ جي سنڌ وڏي وزير کي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال، درگاهن، امام بارگاهن ۽ ٻين عبادتگاهن جي سڪيورٽي بابت آگاهي پڻ ڏني.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي به فون ڪري سيوهڻ ڌماڪي سبب حضرت لال شهباز قلندر جي درگاهه جي متاثر ٿيل حصي جي مرمتي ڪم کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*