وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ساٿي سچ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻن

fawad chodhry

پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ساٿي سچ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عدالت کي ٻڌايو ويو ته منروا ڪمپني جي دستاويزن تي مريم نواز جي صحيح جعلي آهي، اسان اهو رجسٽر به فراهم ڪيو آهي، جنهن ۾ مريم نواز ڪمپني جا شيئر ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري ۽ نعيم بخاري چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن سبب نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته عدالت ۾ پيش ڪيل هڪ دستاويز تي اعتراض ٿيو، چيو ويو ته مريم نواز جي صحيح جعلي آهي، جنهن تي نعيم بخاري اهو رجسٽر فراهم ڪيو، جنهن ۾ مريم شيئرز ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

هن چيو ته منروا ڪمپني جي هڪ دستاويز تي مريم نواز جي صحيح آهي، هــُن شيئرز ايل زيڊ ڪمپني کي فراهم ڪيا، نعيم بخاري اهو رجسٽر فراهم ڪيو، جنهن ۾ مريم شيئرز ڏيڻ جي خواهش ڪئي.

ان موقعي تي نعيم الحق چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سبب نفرت ۾ اضافو ٿيو، فيصلو جڏهن به اچي پر سچ تي ٻڌل هوندو، نواز شريف ۽ سندس ساٿي سچ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*