نيپرا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل

Sindh-High-Court-17117

نيپرا ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي چورن خلاف ڪارروائي بدران غريب علائقن ۾ لوڊشيڊنگ وڌيڪ ڪندي آهي ۽ وسيلا هجڻ باجود به غريب علائقن کي بجلي فراهم نه ٿي ڪري، ڪي اليڪٽرڪ چاهي ته ڪراچي شهر کي روشن ڪري سگهي ٿي پر فرنيس آئل بچائڻ لاءِ وسيلا استعمال ئي نه ٿا ڪيا وڃن، عدالت ڪي اليڪٽرڪ کان 9 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيپرا عدالت ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرايو.

نيپر ا عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ ايترا وسيل آهن جو هو چاهي ته شهر کي روشن بڻائي سگهي ٿو پر رڳو فرنيس آئل کي بچائڻ لاءِ روشنين جي شهر کي اوندهه ۾ ٻوڙيو ويو آهي.

نيپرا جواب ۾ وڌيڪ چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي چورن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران غريب علائقن ۾ بجلي بند ڪري ڇڏي ٿي ۽ وسيلا هجڻ باوجود به ڪي اليڪٽرڪ غريب علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*