ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نينگر فوت ٿي ويو، گهوٽڪي ويجهو گذريل ڏينهن روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار علاج دوران فوت ٿي ويو.

ڪنڌڪوٽ ويجهو انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ 10ورهين جي نينگر ولي محمد ابڙو  کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

واقعي بعد پوليس ڪار ڊائيور کي حراست ۾ ورتو.

گهوٽڪي باءِ پاس تي گذريل ڏينهن ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار جاويد سومرو سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*