ايف آءِ اي ڊي جي نادرا طاهر اڪرم کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو
ايف آءِ اي ڊي جي نادرا طاهر اڪرم کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، اسلام آباد جي عدالت پاران ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ بعد پوليس کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد جي عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ ڊي جي نادرا طاهر اڪرم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڊي جي نادرا جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد ايف آءِ اي طاهر اڪرم کي عدالتي احاطي مان ئي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊي جي نادرا مٿان ڪرپشن جا سنگين الزام آهن، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ ورتو ويندو.