ڪراچي ۾“ پرامن سنڌ، پر امن پاڪستان” جي عنوان هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي، اياز لطيف پليجي چيو آهي

Karachi-Cracker-Blast-10117

ڪراچي ۾“ پرامن سنڌ، پر امن پاڪستان” جي عنوان هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي، اياز لطيف پليجي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ بهتري لاءِ ٻين کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضرورت ناهي، افغانستان “را” جو ايجنٽ بڻيل آهي، اسان کي هڪ ٿي ان کي منهن ڏيڻو پوندو.

ڪراچي ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان  ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ميزباني هيٺ “پرامن سنڌ، پر امن پاڪستان” جي عنوان هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري آهي، ڪانفرنس ۾ نواز ليگ، سني تحريڪ،جسقم ۽ تحريڪ انصاف سميت مختلف سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا اڳواڻ شريڪ آهن.

اي پي سي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته  12 سئو سال پراڻين پاليسين تي عمل ڪرڻ ممڪن ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئين قانونسازي جي ضرورت آهي.

اياز لطيف پليجي چيو ته  اسان هميشه پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ بدران آمريڪا جي اشاري تي هلندا رهيا آهيون، پاڪستان جي بهتري لاءِ ٻين کان ڊڪٽيشن وٺڻ جي ضرورت ناهي.

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته افغانستان “را” جو ايجنٽ بڻيل آهي، جنهن کي هڪ ٿي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي.

اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جي عوام جو ڪو به والي وارث ناهي، ماڻهو علاج لاءِ اسپتالن ۾ ڌڪا کائي رهيا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*