وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترڪ عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو ٽينڪ کان وڌيڪ طاقتور آهي

pm turky

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ترڪ عوام ثابت ڪري ڇڏيو ته اهو ٽينڪ کان وڌيڪ طاقتور آهي، پاڪستان ترڪي جي دشمن کي پنهنجو دشمن سمجهي ٿو، دهشتگرد اسان جي حوصلن کي ٽوڙي نه ٿا سگهن، انهن کي شڪست ڏينداسين.

ترڪي جي راڄڌاني انقره ۾ ترڪ هم منصب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم چيو ته ترڪي جو دشمن پاڪستان جو دشمن آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي جي حمايت ڪريون ٿا.

نواز شريف چيو ته گذريل سال جولاءِ ۾ ترڪي ۾ فوجي بغاوت ناڪام بڻائي وئي ترڪي جي عوام ثابت ڪيو ته اهو ٽينڪ کان وڌيڪ طاقتور آهي.

وزيراعظم چيو ته ترڪي والاريل ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي حمايت ڪري ٿو ۽ پاڪستان وري قبرص صورتحال تي ترڪي جي حمايت ڪري ٿو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*