پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته دشمني ڪرپشن سان آهي، نواز شريف جي ذات سان سندس ڪا به دشمني ناهي

imran khan peshawar

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته دشمني ڪرپشن سان آهي، نواز شريف جي ذات سان سندس ڪا به دشمني ناهي، هاڻي ڪير به اقتدار ۾ اچي اُهو ڪرپشن کان اڳ ڊڄندو ۽ لک ڀيرا سوچيندو.

پشاور ۾ فاٽا اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته فخر سان چوان ٿو ته خيبر پختونخواه جي پوليس  غير سياسي آهي، جنهن جو ثبوت اهو آهي جو اڄ تائين ڪنهن به ڪي پي ڪي ۾ رينجرز جي مقرري جو مطالبو ناهي ڪيو.

عمران خان چيو ته مناسب ته اهو ٿئي جو ملڪ اندر رد ردالفساد آپريشن جو اعلان وزيراعظم نواز شريف ڪري ها.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته سڀني کي دعا گڏجي دعا ڪرڻ گهرجي ته پاناما ڪيس ۾ ڪاميابي ملي وڃي.

عمران خان چيو ته سندس وزيراعظم نواز شريف سان ذاتي طور تي ڪابه ذاتي دشمني نه آهي، هن جي دشمني رڳو ڪرپشن ۽ ڪرپٽ نظام سان آهي.

عمران خان لاهور ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته خيبر پختونخواه ۾ پوليس غير سياسي آهي، ٻين صوبن ۾ به پوليس کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*