سکر ۾ جي يو آءِ پاران امن ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي

jui suk really

سکر ۾ جي يو آءِ پاران امن ريلي ڪڍي وئي، ريلي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، جنهن سبب ادارا تباهه ٿي رهيا آهن.

سکر ۾ راشد محمود سومري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي شهر جي مختلف علائقن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومري چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ۽ دهشتگردي وڌي رهي آهي.

هن چيو ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيستائين حڪومتي سطح تي ڪوششون نه ٿينديون تيستائين امن قائم نه ٿيندو.

راشد محمود سومري چيو ته ملڪ جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن ۽ اهڙو ڪو به کاتو ناهي جتي ڪرپشن نه ٿيندي هجي.

ريلي ۾ شامل ماڻهن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*