بلوچستان جي لورالائي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ بارودي سرنگهون هٿ ڪري دهشتگردي جي رٿابندي کي ناڪام بڻايو ويو آهي

balochistan

بلوچستان جي لورالائي واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ بارودي سرنگهون هٿ ڪري دهشتگردي جي رٿابندي کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل رائي ۾ چيو ويو آهي ته، آپريشن ردالفساد تحت سيڪيورٽي فورسز لورالائي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري دهشتگردي جي وڏي رٿابندي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب ايف سي ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران لورالائي واري علائقي ۾ آپريشن دوران، 23 بارودي سرنگهون هٿ ڪيون ويون آهن، جيڪي وڏي دهشتگردي جي رٿابندي تحت رکيون ويون هيون، سيڪيورٽي ادارن لورالائي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ دهشتگردي جي وڏي رٿابندي کي ناڪام بڻايو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن ڳجهن ادارن پاران مليل ڳجهي معلومات تي ڪري دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*