پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته دهشتگردن جا سهولتڪار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي صفن ۾ ويٺل آهن

Qamar-Zaman-23217

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير قمر الزمان ڪائره چيو آهي ته دهشتگردن جا سهولتڪار وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جي صفن ۾ ويٺل آهن.

حافظ آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قمر الزمان ڪائره چيو ته، وزير اعظم نواز شريف پنهنجي ڪجهه وزير جي آڏو بيوس بڻيل آهي.

هن چيو ته نه رڳو پيپلز پارتي پر ملڪ جون سڄاڻ ڌريون به پنجاب ۾ رينجرز جي مقرري وارو مطالبو ڪنديون رهيون پر وفاقي حڪومت خاص طور تي پنجاب حڪومت ان جي مخالفت ڪندي رهي، جنهن جا نتيجا پنجاب ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ سامهون اچي ويا آهن.

قمرالزمان ڪائره جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪندڙن کان دهشتگردي جي تازن واقعن جو پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  پاڪ فوج سان گڏ آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر مرحلي تي پاڪ فوج سان گڏ هوندي.

قمرالزمان ڪائره چيو ته هُو نه ٿا چاهين ته ڪو به قانون سياستدانن خلاف استعمال ٿئي ۽ پ پ اهڙي ڪنهن به قانون جي حمايت نه ڪندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*