اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم پبلڪ هيلٿ بدين جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ بدين جي هڪ آفيس کي به اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سيل ڪري ڇڏيو

anty-hyd

اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم پبلڪ هيلٿ بدين جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو، پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ بدين جي هڪ آفيس کي به اينٽي ڪرپشن جي ٽيم سيل ڪري ڇڏيو.

سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ بدين ميگها رام جي موجودگي ۾ اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي ٽيم جي انسپيڪٽر ڄام خان سولنگي جي اڳواڻي ۾ پبلڪ هيلٿ آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ چيڪ ڪيو، آفيس ۾ هيڊ ڪلا رڪ نه هئڻ سبب  ٽيم رڪارڊ سيل ڪري ڇڏيو.

اينٽي ڪرپشن آفيسر ڄام خان سولنگي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ آفيس تي لکين روپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جاچ مڪمل ٿيڻ بعد مٿن ڪيس داخل ڪيو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*