ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ۽ سيڪيورٽي پلان تي ڳالهيون ڪيون

Murad-Ali-Shah-Iqbal-Army-24217

ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾ اڳڀرائي ۽ سيڪيورٽي پلان تي ڳالهيون ڪيون.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ڪور ڪماندر ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا  وڏي وزير سان ملاقات دوران سيوهڻ سانحي جي جاچ ۾اڳڀرائي ۽ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ سڪيورٽي پلان بابت خيال جي ڏي وٺ ڪئي.

وڏي وزير چيو ته معصوم ماڻهن جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

ڪور ڪماندر ليفٽيننٽ جنرل شاهد بيگ مرزا چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت سڪيورٽي ادارن جي ذميواري آهي،ڪراچي آپريشن آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*