ميرواھ ڪئنال کي ڳوٺ سڪندر آباد آر ڊي 244 وٽان روڻيون پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي فصلن ۾ ڪاھي ويو اھڙي اطلاع تي سئوين ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا

sitarja

 ميرواھ ڪئنال کي ڳوٺ سڪندر آباد آر ڊي 244 وٽان روڻيون پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي فصلن ۾ ڪاھي ويو اھڙي اطلاع تي سئوين ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جن پنھنجي مدد پاڻ تحت روڻين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي مختلف ڳوٺن جي سئوين ڳوٺاڻن عبدالوھاب شر، بشير گوپانگ ، رمضان علي احتجاج ڪندي دانھيون ته ڪجھ ڏينھن اڳ ٿيل پچنگ ۾ ناقص پٿر استعمال ٿيڻ سبب ۽ آبپاشي عملي جي نااھلي سبب ميرواھ ڪئنال کي روڻيون پوڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي روڻيون پوڻ ڪري ڳوٺاڻا جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن ھنن چيو ته آبپاشي ايس ڊي او پڇڙي جي بااثرن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ننڍا واھ بند ڪري ڇڏيا آھن جنھن سبب واھ تي شديد دٻاءُ آھي ھنن چيو ته روڻيون پوڻ باوجود ھن وقت تائين آبپاشي عملو نه پھتو آھي اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪري رھيا آھيون ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ميرواھ ڪئنال مان پاڻي گھٽائي ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

سيٺارجا : ميرواھ ڪئنال کي ڳوٺ سڪندر آباد آر ڊي 244 وٽان روڻيون پوڻ جي نتيجي ۾ پاڻي فصلن ۾ ڪاھي ويو اھڙي اطلاع تي سئوين ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھچي ويا جن پنھنجي مدد پاڻ تحت روڻين کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان موقعي تي مختلف ڳوٺن جي سئوين ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي دانھيون ته ڪجھ ڏينھن اڳ ٿيل پچنگ ۾ ناقص پٿر استعمال ٿيڻ سبب ۽ آبپاشي عملي جي نااھلي سبب ميرواھ ڪئنال کي روڻيون پوڻ روز جو معمول بڻجي ويو آھي روڻيون پوڻ ڪري ڳوٺاڻا جاڳي گذارڻ تي مجبور آھن ھنن چيو ته آبپاشي ايس ڊي او پڇڙي جي بااثرن کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ننڍا واھ بند ڪري ڇڏيا آھن جنھن سبب واھ تي شديد دٻاءُ آھي ھنن چيو ته روڻيون پوڻ باوجود ھن وقت تائين آبپاشي عملو نه پھتو آھي اسان پنھنجي مدد پاڻ تحت روڻيون بند ڪري رھيا آھيون ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ميرواھ ڪئنال مان پاڻي گھٽائي ڪپرن کي مضبوط ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

حسين بخش ڪٻر رپورٽر سيٺارجا

حسين بخش ڪٻر رپورٽر سيٺارجا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*