نوابشاه ؛مڪاني چونڊن جي دوران سانگهڙ ۾ ٻن ريلين جي ٽڪر دوران چيئين ڄڻن جي قتل ۾ ملوث سانگهر ميونسپل ڪميٽي

Nawabshah map

نوابشاه ؛مڪاني چونڊن جي دوران سانگهڙ ۾ ٻن ريلين جي ٽڪر دوران چيئين ڄڻن جي قتل ۾ ملوث سانگهر ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين دلبر خان نظاماڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوابشاه ڪچي ضمانت رد ڪري کيس ڪورٽ جي آحاطي ۾ هٿڪڙيون هڻائي سانگهڙ جيل موڪلي ڇڏيو جڏهن ته ساڳئي واقعي ۾ نامزد جوابدار معذور غلام حيدر نظاماڻي، ڪامران نظاماڻي، صدام نظاماڻي، غلام محمد نظاماڻي، غلام رسول نظاماڻي ۽ منٺار بيهڻ جون پڪيون ضمانتون منظور ڪري ورتيون واضح هجي ته ساڳئي ئي ڪيس ۾ دهستگردي ٽوڙ عدالت  ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، اڳواڻو ايم پي اي علي غلام نظاماڻي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، ڪاشف نظاماڻي ۽ ٻيا جوابدار پڻ پڪي ضمانت تي آزاد ٿيل آهن. جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*