جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته جسقم عدم تشدد ۽ پرامن جدوجهد تي يقين رکي ٿي، گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي

Sunan-Khan-Qureshi-24217

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته جسقم عدم تشدد ۽ پرامن جدوجهد تي يقين رکي ٿي، گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.

ملير پريس ڪلب ۾  ڊاڪٽر نيازڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي،ڪيهر انصاري ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي صنعان قريشي چيو ته جسقم جي جدوجهد پرامن آهي، اسان جا ڪارڪن عدم تشدد جا قائل آهن.

جسقم چيئرمين جسقم جي گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبوڪيو ۽ سائين جي ايم سيد، بشير خان قريشي ۽ ٻين جسقم اڳواڻن جا نالا دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪندڙ اخبار خلاف هرجاڻي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*