ملڪ ۾فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت پارليامينٽ جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس به ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهي

zahid-hamid

ملڪ ۾فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت پارليامينٽ جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس به ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهي، حڪومت پاران نئون مسودو پيش ڪيو ويو، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته سڀئي پارٽيون متفق ٿي وڃن ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ 2 سالن جي واڌ ڪري سگهجي ٿي.

هن چيو ته رياست خلاف سنگين ۽ پرتشدد ڪارروائين جو جملو آئيني ترميم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

زاهد حامد چيو ته مولانا فضل الرحمان جي اصرار تي آئيني ترميم ۾ڪجهه لفظن جو اضافو ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته 23 هين آئيني ترميم جو مسودو ۽ پاڪستان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به پارلياماني اڳواڻن کي موڪليو ويندو.

زاهد حامد چيو ته سڀئي پارلياماني اڳواڻ پنهنجي پارٽي قيادت سان صلاح مشوري بعد  28 فيبروري واري اجلاس ۾ حتمي راءِ ڏيندا.

پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته زيلي ڪميٽي جي اجلاس م نئون مسودو ڏنو ويو، پارٽي قيادت کي پيش ڪندس جنهن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

هن چيو ته حڪومت پاران فوجي عدالتن جي مدي ۾ 3 سالن بدران 2 سالن جي واڌ بابت رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي.

نويد قمر چيو ته حڪومت رياست خلاف ڪارروائي جي لفظ کي به ترميم ۾ شامل ڪيو آهي، حڪومت مولانا فضل الرحمان کي خوش ڪرڻ لاءِ آئين ۾ نئين ترميم ڪري رهي آهي.

نويد قمر وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندي، جنهن ۾ حڪومت جو نئون مسودو پيش ڪيو ويندو.

ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ  وارو معاملو ٻيهر ذيلي ڪميٽي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪميٽي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت آئيني ترميم جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيندي، عدالتن جو مدو 3 سال هوندو يا گهٽ، ان بابت به فيصلو ڪميٽي ڪندي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*