پي ايس پي وفد سنڌ جي گورنر محمد زبير سان ملاقات ڪري صوبي جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

Muhammad-Zubair-Umar-1217

پي ايس پي وفد سنڌ جي گورنر محمد زبير سان ملاقات ڪري صوبي جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، گورنر چيو آهي ته صوبي جي ترقي لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪردار دا ڪرڻو پوندو.

پي ايس پي جو وفد رضا هارون جي سربراهي ۾ گورنر هائوس پهچي گورنر محمد زبير سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ امن امان بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

گورنر محمد زبير پي ايس پي جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته صوبي جي ترقي ۽ امن امان لاءِ سڀني ڌرين کي گڏجي ڪرادار ادا ڪرڻو پوندو.

گورنر محمد زبير چيو ته وزير اعظم نواز شريف سنڌ جي ترقي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*