وفاقي گهرو وزارت پاران ايم ڪيو ايم جي باني جي گرفتاري لاءِ جاري ڪيل ريڊ وارنٽس بابت انٽرپول اختيارين وضاحت طلب ڪندي چيو آهي

Altaf-Home-Uk-7217

وفاقي گهرو وزارت پاران ايم ڪيو ايم جي باني جي گرفتاري لاءِ جاري ڪيل ريڊ وارنٽس بابت انٽرپول اختيارين وضاحت طلب ڪندي چيو آهي ته اسان مذهبي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا آهيون.

گهرو وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ايم ڪيو ايم جي باني جا ريڊ وارنٽس جاري ڪرڻ لاءِ انٽرپول کي لکيل خط بابت، انٽرپول جي اختيارين پاران 13 مارچ تائين وضاحت گهري وئي آهي.

انٽرپول پاران ايف آءِ اي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته، پاڪستان پاران ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف لڳايل الزامن جي وضاحت ڪري، آرٽيڪل 3 تحت انٽرپول سياسي ۽ مذهبي معاملن ۾ مداخلت نه ٿو ڪري سگهي.

ياد رهي ته ڪجهه هفتا اڳ گهرو وزارت پاران ايم ڪيو ايم جي باني جا ملڪ دشمن تقريرن سميت مختلف ڪيسز ۾ سندس ريڊ وارنٽس جاري ڪرڻ لاءِ انٽر پول کي خط لکيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*