نوابشاهه ۾ آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسلز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Nawabshah map

نوابشاهه ۾ آل سنڌ سيڪريٽري يونين ڪائونسلز جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

يونين ڪائونسلز جي ملازمن جي تنظيم جي مرڪزي آرگنائزر نور احمد بروهي، اصغر تنها ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ  ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي اڳواڻن چيو ته لوڪل گورنمنٽ بورڊ  قانون تي عمل نه ٿيڻ سبب ملازمن کي ٽريزري جي ذريعي پگهارون نه پيون ڏنيون وڃن.

اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽري جو عهدو گريڊ 16 جو آهي پر سنڌ ۾ اهو عهدو ستين گريڊ جو آهي.

هنن  مطالبو  ڪيو ته کين 16 گريڊ ڏئي ٽائيم اسڪيل  ۽ ٻيا مطالبا تسليم  ڪري سندن بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*