نئون ديرو پ پ اڳواڻ ديدار ڀٽو ۽ عامر لغاريءَ خلاف ڳڙهي خدابخش ڀٽو واسين سرڪاري ڪوارٽر ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي غريب ۽ مسڪين عورتن لاءِ آيل سلائي مشينون

neudaro

نئون ديرو پ پ اڳواڻ ديدار ڀٽو ۽ عامر لغاريءَ خلاف ڳڙهي خدابخش ڀٽو واسين سرڪاري ڪوارٽر ۽ نوڪريون وڪرو ڪرڻ ۽ ڳوٺ جي غريب ۽ مسڪين عورتن لاءِ آيل سلائي مشينون، نلڪا من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جا الزام هڻندي ڳڙهي خدابخش روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي رتوديرو – نئون ديرو روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. مظاهرين خالد حسين لغاري، سيد روشن شاهه، وزير علي دايو، ستار لغاري، شير خان لغاري، الطاف لغاري، نثار لغاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي اباڻي ڳوٺ ڳڙهي خدابخش ڀٽو جا رهواسي آهيون ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن کان وٺي پارٽيءَ جا جيالا ڪارڪن آهيون ۽ سدائين ووٽ به پارٽيءَ کي ڏنو آهي پر شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي حياتيءَ ۾ اسان کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي ۽ هاڻي ديدار ڀٽو ۽ عامر لغاري  پارٽيءَ جي ڏنل ذميوارين جو غلط استعمال ڪندي پارٽي قيادت پاران غريبن لاءِ ٺهرائي ڏنل ڪوارٽر غريبن بجاءِ پنهنجي من پسندن کي پئسن عيوض وڪرو ڪيا آهن جڏهن ته نوڪريون پڻ وڪريون به پئسن عيوض وڪرو ڪري پارٽيءَ جي ساک کي نقصان پهچائي رهيو آهي ۽ اسان سان مسلسل ناانصافيون ڪري رهيا آهن. جڏهن ته غريب ۽ بيواهه عورتن لاءِ آيل سلائي مشينون ۽ نلڪا به پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي اسان ڳوٺ واسين کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري مجبور ٿي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو آهي. هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته ديدار ڀٽو ۽ عامر لغاريءَ جي ڪيل ڪرپشن جو نوٽيس وٺي ٻنهي کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي پارٽيءَ جي ساک بچائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*