اڳوڻي مملڪتي وزير خالد لنڊ ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي

khalid lnd

اڳوڻي مملڪتي وزير خالد لنڊ ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، مهر ڀائرن جي مخالفت باوجود خالد لنڊ کي  پ پ کي شامل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي جي سياست ۾ تبديلي جا امڪان آهن.

نبيل گبول، نادر اڪمل لغاري ۽ عرفان الله مروت کانپوءِ گهوٽڪي جي اهم سياسي شخصيت خالد لنڊ بلاول هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

ذريعن موجب  مهر ڀائرن  خالد لنڊ جي پ  پ ۾ شامل ٿيڻ جي مخالف ڪئي پر ان باوجود کيس پ پ  ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

خالد لنڊ جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي ۾ سياسي تبديلي ۽ ايندڙ چونڊن دوران نئون  اتحاد سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

خالد لنڊ جي پ پ شامل ٿيڻ کانپوءِ گهوٽڪي ضلعي اندر پ پ مخالف اڳواڻن ۾  رڳو ميان مٺو ۽ شهر يار شر  رهجي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*