وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جون شاهديون مليون آهن

Murad-Ali-Shah-Sindh-CM-8217

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جون شاهديون مليون آهن، سيوهڻ ڌماڪي جي آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن ڪئميرائن تي تنقيد ڪئي پئي وئي، هاڻي انهن ڪئميرائن جي مدد سان ئي جاچ اڳتي وڌي رهي آهي.

ڄامشوري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته، دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان ڪڙي تحت سنڌ-بلوچستان سرحد تي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ   ڪم ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته ڌماڪي جي جاچ دوران ڪجهه گرفتاريون ٿيون آهن ۽ ان حوالي سان ڪجهه وڌيڪ گرفتاريون ٿينديون.

هن چيو ته پيپلزپارٽي پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جون شاهديون مليون آهن، ڪئميرائن تي تنقيد ڪئي پئي وئي انهن ڪئميرائن سان جاچ اڳتي وڌي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته غيرقانوني افغانين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان گڏ ڪم رهيا آهيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*