پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي عهديدارن کان انٽرويو ورتا آهن

Bilawal-PPP-21117

پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ميرپور خاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي عهديدارن کان  انٽرويو ورتا آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي عوام جي خدمت جو ٻيو نالو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کي فعال ۽ ٻيهر منظم ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان سلسلي بلاول هائوس ڪراچي ۾ ميرپور خاص  ۽ شهيد بينطير ڊويزن جي  عهديدارن لاءِ انٽرويو ورتا، جنهن دوران خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، نثار کهڙو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

بلاول هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب پارٽيءَ جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ پ پ جي منشور ۾ شامل آهن.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هو جهموريت تي يقين رکن ٿا، جهموريت خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*