آسٽريليا ۾ رهندڙ سنڌ واسين ميڻ بتيون ٻاري سيوهڻ سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي

austrailia pro sehwan

آسٽريليا ۾ رهندڙ سنڌ واسين ميڻ بتيون ٻاري سيوهڻ سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

آسٽريليا ۾ سيوهڻ سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ دوران سنڌ واسين فراز ابڙو، زاهد شيخ ۽ ٻين چيو ته سنڌ صوفين ۽ امن پسندن جي ڌرتي آهي ۽ هتي هٿ وٺي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرائڻ سان گڏ طالبانائيزيشن کي به هٿي ڏني پئي وڃي.

سنڌ واسين مطالبو ڪيو ته غير قانوني مدرسن خلاف ڪارروائي ڪري درگاهن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*