جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دهشتگردن سيوهڻ ۾ محبت جي مرڪز تي حملو ڪري وحشي هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي

siraj ul haq sehwan

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دهشتگردن سيوهڻ ۾ محبت جي مرڪز تي حملو ڪري وحشي هئڻ جو ثبوت ڏنو  آهي، سنڌ جون درگاهون محبت ۽ امن جو درس ڏينديون رهيون آهن، آپريشن جو نالو ڪهڙو به هجي پر عوام امن چاهي ٿو.

جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سيوهڻ پهچي قلندر لعل شهباز جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ۽ گادي نشين سيد حسن علي شاهه سان ملاقات ڪري سانحي تي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته غريب عوام کي تحفظ ۽ سيڪيورٽي ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي پر هتي صرف وي آءِ پيز جي سيڪيورٽي جو خيال رکيو وڃي ٿو.

هن چيو ته دهشتگردن سيوهڻ ۾ محبت جي مرڪز تي حملو ڪري وحشي هئڻ جو ثبوت ڏنو  آهي، سنڌ جي درگاهن هميشه امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي.

آپريشن رد الفساد بابت پڇيل سوال تي سراج الحق جو چوڻ هو ته آپريشن جو نالو ڪهڙو به هجي پر ملڪ جو عوام امن چاهي ٿو.

جماعت اسلامي جي امير وڌيڪ چيو ته پناما معاملي تي فيصلو ڪهڙو ٿو اچي ان بابت الله بهتر ڄاڻي ٿو، پر عدالت ۾ ثبوتن جا انبار لڳي چڪا آهن ۽ قوم عدالت مان سٺي اميد رکي ٿي.

ان موقعي تي جماعت اسلامي جا اڳواڻ اسد الله ڀٽو، معراج الهديٰ، ممتاز سهتو، مجاهد چنا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*