ڄامشورو ۾ سنڌ لوڪ فيسٽيول جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن، فيسٽيول ۾ لڳل مختلف اسٽالز تي ماڻهن جي رش، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي

hyd melo

ڄامشورو ۾ سنڌ لوڪ فيسٽيول جون ٻئي ڏينهن واريون تقريبون جاري آهن،  فيسٽيول ۾ لڳل مختلف اسٽالز تي  ماڻهن جي رش، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اهڙين تقريبن سان دهشت گرديءَ جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، فيسٽيول ۾ ادبي ويهڪن جو سلسلو پڻ جاري آهي.

انسٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ جاري سنڌ لوڪ فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن به هٿ جي هنرن، آرٽ، سنڌ جي روايتي لباس، ڪتابن  ۽ ٻين شين جي اسٽالز  ماڻهن جي وڏي رش نظر آئي.

ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ مردن،  نوجوانن، عورتن ۽ ٻارڙن مختلف اسٽالز تي رکيل ثقافتي شين ۽ ڪتابن ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي.

ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته اهڙين تقريبن سان دهشت گرديءَ جو مقابلو ڪرڻ ۾ مدد ملندي اهو سلسلو جاري رهڻ گهرجي.

 فيسٽيول ۾ مختلف موضوعن تي ويهڪون پڻ ٿيون، جن ۾وسعت الله خان، انعام شيخ ، اشتياق انصاري، جامي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*