سکر ۾ ڌار يونيورسٽي جي ڪا خاص ضرورت نه آهي تعيلم وارو وزير نثار کهڙو

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پشاور سانحي جي شهيدن جي چاليهي سبب سڀاڻي تائين مهمل ڪيو ويو آهي،  اپوزيشن ليڊر شهريار مهر کي ڪمند ۽ نصرت سحر عباسي کي پي ٽي آءِ جي استعفائن واري معاملي تي ڳالهائڻ نه ڏنو ويو، نثار کهڙي چيو آهي ته سرڪاري شعبي ۾ 10 ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ 8 نيون يونيورسٽيون قائم ڪري رهيا آهيون، ٺهراءُ پاس هجڻ باوجود ڪراچي يونيورسٽي ٻين شهرن ۾ ڪئمپس قائم نه ڪيا آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جيئن ئي شروع ٿيو ته شهريار مهر ڪمند جي معاملي تي ڳالهائڻ گهريو، جنهن کي اسپيڪر هڪ رُول پڙهائي خاموش ڪري ڇڏيو، اسپيڪر جو چوڻ هو ته جيڪو به معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندو، ان تي ڳالهائي نه سگهبو جنهن تي شهريار مهر جو چوڻ اهو هو ته جڏهن عدالت ڪنهن معاملي جو فيصلو نه ٿي ٻڌائي ته ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو.

اجلاس جي شروعات ته دعائن سان ٿي پر اپوزيشن هميشه وانگي سرڪار جو مزو خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، شهريار مهر جي خاموش ٿيڻ تي نصرت سحر عباسي وري پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي استعفا وارو معاملو اٿاري اسپيڪر جو مزو خراب ڪيو، جنهن تي اسپيڪر نصرت سحر عباسي کي چيو ته اهو سندس معاملو نه آهي، ڇا هو پي ٽي آءِ ۾ آهي، ان معاملي تي ايوان ۾ ڪجهه دير گوڙ ٿيو، جنهن کانپوءِ اسپيڪر ڪارروائي کي سوالن جوابن واري وقفي ڏانهن وٺي وڃي، پنهنجي جند ڇڏرائي.

تعليم واري وزير نثار کهڙي مختلف سوالن جي جوابن ۾ چيو ته سنڌ ۾ سرڪاري شعبي اندر 10 ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ 8 يونيورسٽيون قائم ڪيون پيون وڃن.

مهتاب اڪبر راشدي ڳالهائيندي چيو ته ڀٽ شاهه ۾ اسان جو روحاني مرشد دفن آهي، ڪهڙو سبب آهي جو انٽرنيشل صوفي ازم يونيورسٽي ڇهه ست سال گذرڻ باوجود ٺهي نه سگهي آهي.

هن سوال پڇيو ته ڇا حڪومت کي نصاب جوڙڻ ۾ دشواري آهي يا کين پروفيشنل اسٽاف نه ٿو ملي، جنهن تي نثار کهڙي ايوان ۾ واعدو ڪيو ته سموريون رنڊڪون ختم ڪري صوفي ازم يونيورسٽي جلد قائم ڪئي ويندي.

نثار کهڙي چيو ته سکر ۾ ڌار يونيورسٽي جي ان ڪري ڪا خاص ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته خيرپور يونيورسٽي سکر وارن کي ويجهي آهي.

هن چيو ته سکر ۾ آءِ بي اي انسٽيٽيوٽ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ هلي رهيو آهي.

هن چيو ته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جا مختلف شهرن ۾ چار ۽ سنڌ يونيورسٽي جا مختلف شهرن ۾ ڇهه کان ست ڪئمپس آهن پر افسوس ته ڪراچي يونيورسٽي جا ٻه ڪئمپس نوشهرو فيروز ۽ مٺي ۾ ٺاهڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جو چوڻ هو ته شهري علائقن لاءِ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو ڪوٽا ڏني وڃي، جنهن تي نثار کهڙي چيو ته ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون پيون وڃن.

انهي دوران وڏو وزير سيد قائم علي شاهه اجلاس ۾ آيو ۽ هن درخواست ڪئي ته پشاور سانحي ۾ شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي سندن مغفرت لاءِ دعا گهري وڃي، دعا سان گڏوگڏ اسپيڪر جي تجويز تي اجلاس کي انهي معاملي تي مهمل ڪيو ويو، مهملي کان اڳ هڪ گڏيل ٺهراءُ پاس ڪري مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، بعد ۾ اجلاس ملتوي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*