اينٽي ڪرپشن ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري رشوت عيوض سرڪاري نوڪريون ڏياريندڙ تعليم کاتي جي آفيسر پير بخش مهيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي

Karachi-Anti-Arrested-Pir Bux -27217

اينٽي ڪرپشن ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري رشوت عيوض سرڪاري نوڪريون ڏياريندڙ تعليم کاتي جي آفيسر پير بخش مهيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر موجب گرفتار عملدار هڪ شخص کان 5 لک رپين عيوض جعلي آفر آرڊر ڏنو هو.

اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر عثمان غني موجب پاڻ کي تعيلم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر سڏرائي ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ لاءِ رشوت وٺندڙ  پير بخش مهيسر کي 30 هزار رپيا رشوت وٺندي گرفتار ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر موجب گرفتار جوابدار جي مدد ڪرڻ تي گورنمينٽ گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*