نثار کهڙي جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي وفد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري
نثار کهڙي جي سربراهي ۾ پيپلزپارٽي جي وفد ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري فوجي عدالتن بابت 4 مارچ تي سڏايل اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي، متحده اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو اڄ رات يا سڀاڻي تائين ڪيو ويندو.
نثار کهڙي جي اڳواڻي ۾ پ پ وفد پي آءِ بي ڪالوني ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي آفيس پهچي کين فوجي عدالتن بابت 4 مارچ تي سڏايل اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني .
ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو ته اي پي سي ۾ شرڪت جو فيصلو اڄ رات يا سڀاڻي تائين ڪيو ويندو.
هن چيو ته2014 ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاليسي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو.
هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿيو آهي ۽ اسان ضرب عضب جي مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هئي .
نثار کهڙي چيو ته سموريون سياسي پارٽين کي مشاورتي عمل ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اسان ڪوبه قدم گڏجي کڻنداسين ته بهتر ٿيندو.
هن چيو ته ڏسڻو پوندو فوجي عدالتن مان ڪيترو فائدو ٿيو ، پ پ سياست ۽ جمهوريت تي يقين رکي ٿي.