پنجاب حڪومت پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

Lahore-Stadium-27217

پنجاب حڪومت پاڪستان سپر ليگ جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پي ايس ايل جي سيڪيورٽي پاڪ فوج ۽ رينجرز سنڀاليندي ۽ پوليس به موجود هوندي، نجم سيٺي پنجاب حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي آهي.

پنجاب حڪومت پاران ٽن ڏينهن دوران مختلف گڏجاڻين بعد حتمي طور تي فيصلو ڪري ورتو آهي ته، پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ئي ڪرايو ويندو.

پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جي سيڪيورٽي پاڪ فوج ۽ رينجرز سنڀاليندي، جڏهن ته پنجاب پوليس به سيڪيورٽي تي مقرر ڪئي ويندي.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب حڪومت تفصيلي جائزي وٺڻ بعد حتمي طور تي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پي ايس ايل لاهور ۾ ئي ڪرايو ويندو.

رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ايس ايل دوران لاهور ڦول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويندا.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته فائنل ڏسڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي اصل سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ قذافي اسٽيڊيم ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو، ان سا گڏ سيڪيورٽي لاءِ جيڪي به شرط رکيا ويندا انهن تي هر حالت ۾ عمل ڪرايو ويندو.

ٻي طرف پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته پنجاب حڪومت جي فيصلي سان ڪرڪيٽ جو شوقينن جي حوصلا افزائي ٿي آهي ۽ ان کي ناڪام بڻائڻ جون سازشون ڪندڙ ناڪام ٿي ويا آهن.

نجم سيٺي چيو ته اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو آهي ته، پي ايس ايل جي فائنل واري ڏينهن 8 کان 10 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، قذافي اسٽيڊيم جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي ويندي.

هن چيو ته فائنل ڏسڻ لاءِ ايندڙ سمورن ماڻهن جي سختي سان تلاشي ورتي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ٿيندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*