موجوده حالتن ۾ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ وارو فيصلو چريائپ آهي،پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان

Imran-Khan-Shaikh-Rasheed-27217

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته موجوده حالتن ۾ پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ وارو فيصلو چريائپ آهي، شيخ رشيد پي ايس ايل جو فائنل ڏسڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، پي ايس بابت عمران جيڪو چيو اهو سندس موقف آهي، ضروري ناهي ته ان سان مان به متفق هجان.

پنجاب حڪومت پاران پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ واري فيصلي تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته، پي ايس ايل لاهور ۾ ڪرائڻ وارو فيصلو چريائپ آهي.

عمران خان چيو ته پي ايس ايل جي فائنل لاءِ سيڪيورٽي جي نالي تي لاهور جا رستا بند ڪري ملڪ جي امن امان بابت ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي.

ٻي طرف عمران خان جي سياسي اتحادي شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان پي ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ بابت ان جيڪو صحيح سمجهيو اهو چيو آهي.

شيخ رشيد چيو ته هُو پي ايس ايل جو فائنل ڏسڻ لاءِ قذافي اسٽيڊيم لاهور ضرور ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*