آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس دوران غيرقانوني طور صوبي اندر ترسيل پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

IG-SINDH-Khuwaja-27217

آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس دوران غيرقانوني طور صوبي اندر ترسيل پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آءِ جي پاران ڪريڪ ڊائون بابت روزاني بنياد تي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت  ڪئي وئي.

ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ غيرقانوني طور صوبي اندر ترسيل پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اجلاس دوران  آءِ جي  سنڌ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون بابت روزاني بنياد تي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت  ڪئي وئي.

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ دهشتگردن، انتهاپسندن ۽ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين خلاف ڪارروايون جاري آهن ، جڏهن ته آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اهڙيون ڪارروائون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*