ڪراچي نيب حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري برطرف هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي ماليت جون 10گاڏيون، 2 ڪروڙ ايراني ڪرنسي، 39 تولا سون، 38 لک رپيا ۽ 12 لک رپين جا پرائيز بانڊ هٿ ڪري ورتا

Hyderabad-Nab-Arrested-27217

 ڪراچي نيب حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري برطرف هيڊ ڪانسٽيبل ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري ڪروڙين رپين جي ماليت جون 10گاڏيون، 2 ڪروڙ ايراني ڪرنسي، 39 تولا سون، 38 لک رپيا ۽ 12 لک رپين جا پرائيز بانڊ هٿ ڪري ورتا آهن، نيب عملدارن موجب گرفتار جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

Hyderabad-Nab-Arrested1-27217

نيب عملدارن موجب لطيف آباد ۾ ڪارروائي دوران برطرف هيڊ ڪانسٽيبل محمد يوسف ۽ سندس پٽ عارف يوسف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان 10گاڏيون، 2 ڪروڙ ايراني ڪرنسي، 39 تولا سون، 38 لک رپيا ۽ 12 لک رپين جا پرائيز بانڊ هٿ ڪيا ويا آهن.

Hyderabad-Nab-Arrested2-27217

نيب عملدارن موجب گرفتار جوابدارن جاچ دوران اعتراف ڪيو آهي ته سندن گهر مان هٿ آيل گاڏيون مختلف پوليس عملدارن جون آهن، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

نيب عملدارن موجب گرفتار جوابدارن خلاف مني لانڊرنگ جي  به جاچ ڪئي پئي وڃي.

Hyderabad-Nab-Arrested3-27217

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*