دهشتگردي سبب بجلي فراهمي ۾ مسلسل رڪاوٽ پئجي رهي آهي خواجا آصف

حڪومت ڪراچي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجليَ جي فراهمي لاءِ نئين شرطن ۽ ضابطن تي معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڄ شام تائين بجلي جو سمورو سسٽم بجال ڪيو ويندو، ڪوشش آهي ته صنعتن کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي وڌيڪ سستي ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته دهشتگردي سبب بجلي فراهمي ۾ مسلسل رڪاوٽ پئجي رهي آهي، بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائين کي ڌماڪي سان اڏائڻ سبب بجلي جو بحران ٿيو.

هن چيو ته او جي ڊي سي ايل 12 ڪلاڪن اندر ٽرانسميشن لائين جي مرمت ڪئي، جنهن بعد اڪثر شهرن کي بجلي جي فراهمي بحال ٿي وئي آهي، اڄ شام تائين سڄي ملڪ ۾ بجلي جو سسٽم بحال ڪيو ويندو.

خواجه آصف چيو ته فرنس آئل جي فراهمي سبب بجلي بحران پيدا ٿيڻ جو ڪو به خدشو ناهي، پي ايس او جي ذريعي تيل جا 12 ڪارگو سڀاڻي تائين پهچي ويندا.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شهرن ۾ 6 ۽ ٻهراڙي ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو حدف مقرر ڪيو آهي، ڪوشش آهي ته صنعين کي لوڊشيڊنگ کان آجو قرار ڏنو وڃي.

خواجه آصف چيو ته بجلي جو بحران ختم ڪرڻ ۾ وڌيڪ 2 کان 3 سال لڳندا پر سندن ڪوشش آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪراچي کان پشاور تائين برابري جي بنياد تي بجلي فراهمي ڪئي وڃي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدو پ پ جي حڪومت ڪيو، ماضي جي حڪومتن جا نتيجا  موجوده سرڪار ڀوڳي رهي آهي.

خواجه آصف جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ نين شرطن ۽ ضابطن تي اڄ ئي معاهدو ڪيو ڪيو ويندو.

بجلي مهانگي ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ خواجه آصف ٻڌايو ته تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ڏنو ويندو، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ بجلي وڌيڪ سستي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*