سکر سي ٽي ڊي پوليس بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري بلوچستان بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Sukkur-CTD-Arrested-27217

سکر سي ٽي ڊي پوليس بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري بلوچستان بم ڌماڪي ۾ ملوث دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل دهشتگرد خليل عرف جليل سڀايو درگاهه چيزل شاهه تي حملي ۾ ملوث هو جنهن ۾ 34 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي سکر عرفان سمون پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙ دهشتگرد خليل عرف جليل سڀايو کي گرفتار ڪيو آهي.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي موجب گرفتار ڪيل دهشتگرد خليل عرف جليل سڀايو جو تعلق شڪارپور سان آهي ۽ هو بلوچستان ۾ درگاهه چيزل شاهه تي حملي ۾ ملوث هو، جنهن ۾ 34 ڄڻا شهيد ٿيا هئا.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته دهشتگرد خليل عرف جليل کي مختلف ڪيسن ۾ عدالت پاران ڦاسي جي سزا پڻ مليل آهي، جڏهن ته هو ڪافي عرصي کان روپوش هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*