پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واري سيڪريٽري اهڙن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ چيو پيو وڃي ته، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي تربيت ڪئي پئي وڃي

aizaz-chaudhry-27217

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت واري سيڪريٽري اهڙن سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي جن ۾ چيو پيو وڃي ته، پاڪستان ۾ دهشتگردن جي تربيت ڪئي پئي وڃي، اعزاز چوڌري جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته، پاڪستان جي ايجنڊا چٽي آهي ته اسان خطي ۾ پرامن ماحول ۽ ترقي چاهيون ٿا، سي پيڪ منصوبو پاڪستان ۽ چين جو آهي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو ٻيو ملڪ شامل ٿيندو ته ان بابت شرط بعد ۾ طئه ڪيا ويندا.

هن چيو ته جيڪي ڌريون اهو چئي رهيون آهن ته پاڪستان کي خطي يا دنيا اندر اڪيلو ڪيو ويو آهي، اُها سندن خوشفهمي آهي، پاڪستان نه اڳ اڪيلائي جو شڪار هو، نه هاڻي ۽ نه ئي وري مخالف جي اهڙي خواهش مستقبل ۾ به ڪڏهن پوري نه ٿيندي.

پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته، ملڪ اندر ٿيل دهشتگردي جي تازن واقعن سان ملڪ جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪوششن کي ملڪي قيادت ۽ عوام ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري ايجنڊا تي ملڪي قيادت ۽ سڄي قوم هڪ پيج تي گڏ آهي.

اعزاز چوڌري هفتيوار نيوز بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته افغانستان ترقي ڪري، اسان واضع طور تي چئي رهيا آهيون ته افغانستان پنهنجي زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏئي ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ افغانستان پر خطي جي امن کي نقصان پهچندو.

پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته، اِي سي او سمٽ کي به پاڪستان ۾ ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ڪجهه ڌرين ڪوشش ڪئي پر ان ۾ اهي مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن، سمٽ پهرين مارچ تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ وفدن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*