سُڌسماءَ واري وزارت جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته هُو پنهنجي والد آصف علي زرداري جي سياسي زندگيءَ مان سبق سکي

maryam-aurangzeb-27217

سُڌسماءَ واري وزارت جي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته هُو پنهنجي والد آصف علي زرداري جي سياسي زندگيءَ مان سبق سکي، پي  ايس ايل جو فائنل لاهور ۾ ٿيڻ پاڪستان جي ڪاميابي ۽ عوام لاءِ خوشخبري کان گهٽ نه آهي.

مريم اورنگزيب وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات بعد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، پي ايس ايل جو جو فائنل لاهور ۾ ڪرائڻ واري فيصلي سان انهن ڌرين جا خواب چڪناچور ٿي ويا آهن جن ان کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پي ايس جي جو فائنل لاهور ۾ ڪرائي دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف آهي.

پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته، بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي والد آصف علي زرداري جي سياسي زندگيءَ مان سبق سکڻ گهرجي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ بابت بلاول ڀٽو جو بيان انتهائي غير ذميواراڻو آهي، جيڪو سندس ذهني سوچ جي به ترجماني ڪري رهيو آهي.

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته پ پ ايندڙ عام چونڊن ۾ به پنهنجي ناڪامي اکين سان ڏسي رهي آهي، جنهن ڪري پيپلز پارٽي قيادت سميت پريشان ٿي وئي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*