سنڌ حڪومت ڪراچي کانپوءِ حيدر آباد ۾ به قلم 144لاڳو ڪري 11 مارچ تائين جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي

Commissioner-Hyderabad-Sajid-Jamal--27217

سنڌ حڪومت ڪراچي کانپوءِ حيدر آباد ۾ به قلم 144لاڳو ڪري 11 مارچ تائين جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي حيدر آباد جي ڪمشنر جي درخواست تي حيدر آباد ۾ 11 مارچ تائين قلم 144لاڳو ڪيو آهي.

حيدر  آباد جي ڪمشنر ساجد جمال ابڙو سنڌ جي گهرو کاتي جي سيڪريٽري کي 25فيبروري تي خط لکي درخواست ڪئي ته سيڪيورٽي خدشن سبب حيدر آباد ۾ جلسن جلوسن تي پابندي لاءِ قلم 144لاڳو ڪيو وڃي.

حيدر آباد جي ڪمشنر جي درخواست تي گهرو سيڪريٽري حيدر آباد ۾ قلم 144لاڳو ڪري 11 مارچ تائين جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*