راولپنڊي، ڪوئيٽا، رحيم يار خان ۽ چنيوٽ ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن ۽ 15 پرڏيهين سميت 150ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

Punjab-Rangers-28217

راولپنڊي، ڪوئيٽا، رحيم يار خان ۽ چنيوٽ ۾ سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن ۽ 15 پرڏيهين سميت 150ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران بارودي مواد ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ سي ٽي ڊي پوليس چڪ بيلي خان روڊ تي ڪارروائي ڪري 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي.

سي ٽي ڊي پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگرد غلام قاسم ۽ شهزاد احمد وٽان هڪ ڪلو بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

رحيم يار خان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 7 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي.

چنيوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس ۽ ايليٽ فورس گڏيل آپريشن ڪري 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب آپريشن دوران هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري 133 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

پوليس عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار شڪي ماڻهن پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*