اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي وزارتي ڪونسل جي اجلاس ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي وزارتي ڪونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو

Sar-Taj-Aziz-28217

اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي وزارتي ڪونسل جي اجلاس ۾ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز کي وزارتي ڪونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ميمبرز ملڪن وچ ۾ تعاون سان خطي ۾ خوشحالي ايندي.

سرتاج عزيز چيو ته خطو ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جهڙن چئلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، اي سي او ۾ پبلڪ پرائيوٽ جي شرڪت کي بهتر بڻايو ويندو.

سرتاج عزيز چيو ته اقتصادي راهداري سان اي سي او ميمبرز ملڪن کي فائدو ٿيندو.

اجلاس کي خطاب ڪندي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو ته اي سي او کي توانائي سميت ٻين شعبن ۾ ڪم  ڪرڻ گهرجي.

جواد ظريف چيو ته اي سي او ميمبرز ملڪن ۾ تعاون لاءِ بهترين فورم آهي، سڀني ميمبرز ملڪن کي چئلنجز کي گڏجي منهن ڏيڻو پوندو.

اجلاس ۾ ايران ۽ ترڪي سميت 10 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪري رهيا آهن…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*