ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي آفيس تي رينجرز ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن

MQM-28217

ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي آفيس تي رينجرز ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

رينجرز ترجمان موجب لياقت آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس تي هٿيارن جي موجو دگي واري اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو.

رينجرز ترجمان موجب لياقت آباد ۾ايم ڪيو ايم جي يونٽ 164 تي ڇاپو هڻي، وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا.

ترجمان موجب هٿيارن ۾ 3 ٽرپل ٽو رائيفل، 3 ايس ايم جيز، هڪ رائيفل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿيار ايم ڪيو ايم لنڊن جي عسڪري ونگ ڪراچي ۾ امن امان ۾ خلل پيدا ڪرڻ لاءِ لڪايا هئا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*