پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف کي پي ايس ايل ٽو جي فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽون عيوض پيسئه ڏيڻا پوندا

Najam-Sethi-221016

پاڪستان سپر ليگ جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته وزير اعظم نواز شريف کي پي ايس ايل ٽو جي فائنل ميچ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽون عيوض پيسئه ڏيڻا پوندا.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته وزير اعظم کي ٽڪيٽون مفت ۾ نه کپن هو پاڻ سان گڏ ايندڙ مهمانن جي ٽڪيٽن جا پيسا ڀريندو.

نجم سيٺي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير ۽ جي ايڇ ڪيو پاران پيغام آيو آهي ته اهي به ٽڪيٽن جا پيسئه ڏيندا.

پاڪستان سپر ليگ ٽو فائنل جي ٽڪيٽن جي سيل اڄ کان شروع ٿي وئي آهي،جنهن لاءِ فائنل لاءِ ٽڪيٽن جي قيمت پنج سو کان چار هزار، ۽ ٻارنهن هزار ۾ خريد ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي آن لائن موجود هونديون ۽ آئوٽ ليٽس تان پڻ ملنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*