پاڪستان سپر ليگ جي پهرين پلي آف ۾ پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي وچ ۾ميچ ٿي رهي آهي

Quetta-Vs-Zalmi-28217

پاڪستان سپر ليگ جي پهرين پلي آف ۾ پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي وچ ۾ميچ ٿي رهي آهي،جنهن ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن ٻنهي ٽيمن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾شرڪت ڪئي.

ٻنهي ٽِيمن وچ م رٿيل ميگا ايونٽ جي پلي آف ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندي ،جڏهن ته شڪست کائيندڙ ٽيم ٻئي پلي آف جي فاتح ٽيم سان ٽئي پلي آف ۾ مهاڏو اٽڪائيندي.

پاڪستان سپر ليگ جي ميچز ۾ پشاور زلمي ۽ڪوئٽه گليڊي ايٽرز 9-9پوائنٽس حاصل ڪيا هئا، پرپشاور زلمي رن ريٽ جي بنياد تي پهرين نمبر تي آهي.

اهڙي طرح ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ پڻ ليگ ۾8-8پوائنٽس حاصل ڪيا،پرڪراچي ڪنگز جي ٽيم رن ريٽ تي ٽيئن نمبر تي آهي.

ليگ مرحلي ۾ پشاور زلمي ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ميچ برسات سبب نه ٿي سگهي،جنهن سبب ٻنهي ٽيمن کي هڪ-هڪ پوائنٽس مليو،جڏهن ته ٻئي ميچ ۾ پشاور زلمي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ٻن وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.

پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي پلي آف ميچ سڀاڻي ڪراچي ڪنگز ۽اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ ميچ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*