امريڪا جي مختلف رياستن ۾ برفباري جو سلسلو جاري ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيون ويون

آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي پاران برفاني طوفان جي اڳڪٿي بعد مختلف رياستن جي انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.

آمريڪا جي موسميات کاتي نيو جرسي کان ميساچوسيٽس رياستن تائين 6 انچ کان هڪ فٽ تائين برفباري جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته عوام اهڙي برفاني طوفان لاءِ به تيار رهي، جنهنجو ماضي ۾ ڪو به مثال نه ٿو ملي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب برفاني طوفان جي اڳڪٿي بعد ڪيتريون ئي اڏامون معطل ڪيون ويون آهن.

نيويارڪ جي ميئر پريس ڪانفرنس ڪندي عوام کي خبردار ڪيو ته اهي غير ضروري سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ برفاني طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري حفاظتي انتظام ڪري وٺن.

سندس چوڻ هو ته برفاني طوفان شروع ٿين سان گڏ نيويارڪ سميت بوسٽن ۾ به برفباري شروع ٿيڻ جا امڪان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*