سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪندڙ دهشتگردن جي مستونگ ۽ وڍ ۾ موجودگي جا اطلاع آهن، ثناءُ الله عباسي

Sana-Ullah-Abbasi-28217

سنڌ ۾ سرگرم دهشتگردن جي بلوچستان ۾موجودگي جي انڪشاف بعد ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڪوئيٽا رواني ٿي وئي آهي، ثناءُ الله عباسي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪارروائيون ڪندڙ دهشتگردن جي مستونگ ۽ وڍ ۾ موجودگي جا اطلاع آهن، بلوچستان سان گڏجي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا.

پوليس ٽيم آءِ جي بلوچستان ۽ سي ٽي ڊي اختيارين سان ملاقات ڪري دهشتگردن جي اطلاع کانپوءِ ڪاروائي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي.

جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي، ڊي آءِ جي عبدالله شيخ ۽ عمر شاهد سميت ٻيا پوليس آفيسر شامل آهن.

ڪوئيٽا روانگي کان اڳ ايڊيشنل آءِ جي ثناءُ الله عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دهشتگرد مستونگ  ۽ وڍ ۾ موجود آهن.

هن چيو ته دهشتگردن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان جي پوليس گڏيل آپريشن ڪري سگهي ٿي، جنهن بابت بلوچستان حڪومت سان ڳالهايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*