سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جي ڪرپشن ڪيسن کي نيب جي دائري اختيارکان ٻاهر قرار ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Sindh-high-court-18816

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 10 ڪروڙ کان گهٽ ماليت جي ڪرپشن ڪيسن کي نيب جي دائري اختيارکان ٻاهر قرار ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

عدالت اڳوڻي اي آءِ جي فنانس فداحسين شاهه خلاف نيب ريفرنس ختم ڪرڻ بابت داخل ڪيس جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ٻڌڻي دوران نامزد جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته فداحسين شاهه خلاف پيٽرول جي مد ۾ 5 ڪروڙ جي ڪرپشن جو الزام آهي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نيب جي ايس او پي تحت 10 ڪروڙ کان گهٽ جي ڪرپشن وارا معاملا نيب جي دائري ۾ نه ٿا اچن.

عدالت درخواست گذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ  فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*