پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب ۾ رهندڙ پختون سندن ڀائر آهن

rana sanullah

پنجاب جي قانون واري صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب ۾ رهندڙ پختون سندن ڀائر آهن، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي ۾ ناليوارا سياستدان نفرتون پکيڙي رهيا آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيو ته ڪجهه ماڻهن جي پروپگنڊا کي آپريشن ردالفساد خلاف شازش سمجهون ٿا.

امير مقام چيو ته نواز ليگ پوري پاڪستان جي جماعت آهي، دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوم جي جنگ آهي.

امير مقام چيو ته آپريشن سبب پختون آءِ ڊي پيز بڻيا، شهباز شريف نادرا ۾ پيش ايندڙ مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

امير مقام وڌيڪ چيو ته پختون پنهنجي ئي ملڪ ۾ آءِ ڊي پيز بڻيا آهن، کين سڀئي سهولتون ملڻ گهرجن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*