نوابشاه ؛ درگاهه قلندر شهباز تي ٿيل خود ڪش بمبار حملي کانپوء قلندر جا فقير ۽ ان سان محبت ڪندڙ شاهپور چاڪر واسي جهلڻ برادري جا 6 ڄڻا زوار محمد ملوڪ جلهڻ

sehwan mazar

نوابشاه ؛ درگاهه قلندر شهباز تي ٿيل خود ڪش بمبار حملي کانپوء قلندر جا فقير ۽ ان سان محبت ڪندڙ شاهپور چاڪر واسي جهلڻ برادري جا 6 ڄڻا زوار محمد ملوڪ جلهڻ، زوار سليم رضا جهلڻ، زوار الهه ڏنو جهلڻ، زوار الطاف حسين جهلڻ ۽ مظهر علي جهلڻ پنهنجي شهر کان پيري پنڌ دهشتگردن کي اهو ٻڌائڻ لاء نڪتا ته موت کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ قلندر جا مريد آهيون ۽ سر عام درگاهه قلندر تي وڃي رهيا آهيون جڏهن ته ان سلسلي ۾ درگاه قلندر جي چانئٺ چمڻ کانپوء واپس شاهپور چاڪر ويندي نوابشاه مان گذر ڪيو ته انهن ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته موت کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ اسان سر عام شاهپور چاڪر کان سيوهڻ قلندر لعل شهباز جي درگاهه تي ٽن ڏينهن ۾ پهتاسين ۽ اتي 4 ڏينهن رهڻ کان پوء واپس پيادل شاهپور چاڪر وڃي رهيا آهيون ڪنهن به روڪڻو آهي ڀلي روڪي انهن بم ڌماڪن سان محبت ۽ عقيدت ۾ ڪا به کوٽ نه ٿيندي اڃا به واڌارو ايندو هنن چيو ته اسان جي گودڙي ۾ تسبيح، سجديگاهه، پاڻي جي بوتل آهي ۽ هٿ ۾ ڪولابو ۽ قلندر جي نشاني ڪندري آهي ۽ ڳچي ۾ فقيراڻو ڪنٺو آهي هنن ٻڌايو ته هر هاري آهيون اسان صرف پنهنجي عقيدت ۽ محبت ۾ قلندر جي درگاهه تي وياسين ۽ هاڻي واپس وڃون پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*