ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جي عملي جو مقامي رهواسين کان ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف آل پارٽيز الائنس

kandiyaro toll plaza pro

ڪنڊيارو ۾ قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جي عملي جو مقامي رهواسين کان ٽول ٽيڪس اوڳاڙڻ خلاف آل پارٽيز الائنس، شهري اتحاد، ٽيڪسي ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽن پاران احتجاجي مظاهروڪيو ويو.

آل پارٽيز الائنس، شهري اتحاد جي صدر مير خان سهتو، آل پارٽيز الائنس جي ڪنوينر خالد ملاح، مولانا رمضان خاصخيلي، گهايل وسيم، نعيم ڏهراج ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 23 ڏينهن به ٽيڪسي اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي اسپتال روڊ پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ اندر ڪنهن به ضلعي ۾ 35 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ٻه ٽول پلازه قائم ٿيل نه آهن  پر ضلعي نوشهروفيروز ۾ 35 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻه ٽول پلازه قائم ڪري عوام سان سراسر ناانصافي ڪئي وئي آهي،جنهن کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته  قومي شاهراهه تي قائم ٿيل ٽول پلازه جي عملي غِيرقانوني طور لڪڙا هڻي مقامي رهواسين کي ٽول ٽيڪس اوڳاڙي  ڪئي پئي وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*